سينٽ جوزف چرچ

سينٽ جوزف چرچ

سينٽ جوزف چرچ

سينٽ جوزف چرچ: هيءَ چرچ صدر، ڪراچيءَ ۾ آهي. هن جي اڏاوت 1878ع ۾ ٿي. سنيٽ جوزف اسڪول ۽ سينٽ پيٽرڪ چرچ ان سان گڏ آهن. هي به گوٿڪ طرز اڏاوت جي خوبصورت جاءِ آهي. 1921ع ۾ ڊرگ روڊ تي رائل ايئر فورس قائم ٿيو ته هتي مرمت وارو يونٽ قائم ڪيو ويو ۽ ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشن تي هڪ گرجا گھر اڏيو ويو، جيڪو اڄ به موجود آهي. ڪيٿولڪ سينٽ پيٽرڪ چرچ (گرم چشمو، منگھوپير) به پراڻي چرچ آهي، جنهن کي هاڻي ڪي. ايم. سي چرچ گرم چشمو چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي چرچ ڪي. ايم. سي جي فليٽن ۾ قائم آهي. منگھي پير جي علائقي سلطان آباد ۾ ٽيٽارڪو چرچ به موجود آهي. ورهاڱي کان اڳ ماڙيپور، ملير ڪينٽ ۽ ايس. او. ڊي (ڊرگ روڊ واري علائقي) ۾ ننڍا گرجا گھر قائم هئا. جيڪي اڄ به موجود آهن ۽ اهي علائقا هن وقت به جوف جي حوالي آهن. ماڙيپور گريڪس وارو گرجا گھر مقامي عيسائين جي حوالي آهي. انگريزن جي وقت ۾ ڪليسائن جي انتظام لاءِ الڳ کاتو هوندو هو. انهن چرچن کان سواءِ مڙني عيسائي آبادين ۾ ننڍا چرچ موجود آهن، جن مان چرچ سلاٽر هائوس شاهه بيگ لائين لياريءَ ۾ آهي، جنهن ۾ هڪ ’پيڪٽيسٽ ڪرائيسٽ پنڊيڪاسٽل چرچ آف پاڪستان‘ آهي، جنهن جو پادري قادر يونس آهي ۽ ٻيو ’سينٽ سيلس چرچ‘ جيڪو ورهاڱي کان اڳ جو آهي، موجود آهن. نارائڻ پوري رنڇوڙ لائين ۾ بيت ايل هنتڪت پنجاب چرچ موجود آهي. ان کان سواءِ عيسيٰ نگري، چنيسر ڳوٺ، ڪيٿولڪ ڪالوني، سولجر بازار، شانتي نگر، نارٿ ناظم آباد، بلوچ ڳوٺ، منگھي پير روڊ، اورنگي ۽ پنجابي ڪالونيءَ جي عيسائي آبادين ۾ عبادت لاءِ ڪيترا چرچ موجود آهن. هتي جا اڪثر عيسائي پنجابي آهن ۽ شهر جي صفائيءَ جو ڪم سندن حوالي آهي. ناصري ڪالوني يوسف ڳوٺ ۾ اي آر پي سينٽ مائيڪل، ڪيٿولڪ چرچ، چرچ آف پاڪستان، ري پيس پيٽ، روسل ڪليميا، عوامي چرچ سيفل ڳوٺ سورجاڻي، ڪيٿولڪ چرچ لياري ايڪسپريس وي متاثر ڪالوني سونگل ۽ سينٽ جان ميري چرچ نور محمد ڳوٺ ڳجھڙيءَ ۾ آهن.


لفظ سينٽ جوزف چرچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو